اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آه?? ته ذيلي چونڊن جا نتيجا اليڪشن ڪميشن ۽ ادارن جي جانبداري جي خلاف فارن فنڊيڊ فتني جي بيانيي جو موت آه??، عمران ??ان پارليامينٽ ۾ پنهنجون ٻه سيٽون گهٽ ٿيڻ تي جشن ملهائڻ جو ڍونگ ڪري رهيو آه??، عمران ??ان وٽ پارليامينٽ ۾ 172 جو ميجڪ نمبر موجود نه آه??، پي ٽي آءِ جي 8 ??ان 2 وڌيڪ سيٽون هارائي عمران ??ان پارليامينٽ ۽ حڪومت کي ڊڪٽيٽ نٿو ڪري سگهي، روڊن تي يلغار ۽ وفاقي گادي واري شهر تي حملو ڪري حڪومت نه ٿي ڪيرائي سگهجي، حڪومت تبديل ڪرڻ جي لاءِ 172 ميمبرن جي اڪثريت ثابت ڪرڻي پوندي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته 6 سيٽون کٽڻ تي عمران ??ا?? کي اسلام آباد تي يلغار جو لائيسنس نه ٿو ملي سگهي، عمران ??ان 8 سيٽن تي چونڊون وڙهي پي ٽي آءِ جون 8 سيٽون گهٽ ڪري ڇڏيون آه??. هن چيو ته حڪومت جي تبديلي جو طريقو اسلام آباد تي جٿن ذريعي يلغار ڪرڻ نه آه??. مريم اورنگزيب چيو ته ايبسليوٽلي فراڊ ڪيو اڄ به پريس ڪانفرنس ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر کان ??ستعيفيٰ گهرندو؟ فارن ايجنٽ ڇا اڄ به نيوٽرلز جي خلاف تقرير ڪندو؟ توشه خانه جو چور ڇا اڄ به مسٽر ايڪس ۽ مسٽر وائي جو نالو وٺندو؟ فارن فنڊيڊ ڇا اڄ به اليڪشن ڪمشنر کي گاريون، ڌمڪيون ۽ الزامن جو نشانو بڻائيندو؟ هن چيو ته پي ٽي آءِ ون مين پا??ٽي بڻجي چڪي آه??، جنهن وٽ ڪو اميدوار نه آه??.