اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي اسلاميه يونيورس??ي بهاولپور بلوچستان ۽ اڳوڻي فاٽا جي شاگردن جي لاءِ ??عليمي ??رچ ختم ڪري ڇڏيا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف جو بلوچستان ۽ اڳوڻي فاٽا جي شآگردن جي لاءِ وڏو تحفو آهي. وزيراعظم اهو قدم بلوچستان ۽ اڳوڻي فاٽا جي شاگردن جي اعليٰ تعليم جي حوصلا افزائي جي لاءِ کنيو آهي. قدم جو مقصد قومي ??تحاد، اخوت ۽ ڀائيچاري جي فضا جو فروغ آهي. اسلاميه يونيورس??ي بهاولپور ۾ بلوچستان ۽ اڳوڻي فاٽا جا شاگرد مفت تعليم حاصل ڪندا. بلوچستان ۽ اڳوڻي فاٽا جي شاگردن جي لاءِ ??عليمي پئڪيج بابت باضابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. شاگردن جا 50 سيڪڙو تعليمي ??رچ وفاقي حڪومت ادا ڪندي. شاگردن جي 50 سيڪڙو فيس اسلاميه يونيورس??ي بهاولپور اداڪندي. وزيراعظم جي هدايتن تي يونيورسٽي مان ڪڍيا ويندڙ شاگرد به بحال ڪيا ويا آهن. لاڳاپيل شاگردن کي يونيورسٽي پاران جاري نوٽيس پڻ واپس ٿي ويو. وزيراعظم شهباز شريف اهڙ?? طرح جون سهولتون پنجاب جي وڏي وزير طور شاگردن کي ڏنيون هيون.