اسلام آباد – 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چائنا ٿري گارجز جي وفد ملاقات ڪئي ۽ وزيراعظم ??ي فلڊ ريليف فنڊ جي لاءِ 6 لک 50 هزار ڊالر جو چيڪ ڏ??و. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفد جي قيادت پاڪستان ۾ چين جو سفير نونگ رونگ ڪري رهيو هو. چائنا ٿري گارجز جي چيئرمين ووشينگ ليان وزيراعظم ??ي فلڊ ريليف فنڊ جي لاءِ چيڪ ڏ??و. هن وزيراعظم ??ي ٻڌايو ته چائنا ٿري گارجز تحت ڪروٽ ه??ئي??رو پاور پراجيڪٽ گذريل ٽن مهينن کان پوري صلاحيت سان هلي رهيو آهي. ڪروٽ ه??ئي??رو پاور پراجيڪٽ سي پيڪ فريم ورڪ تحت لڳايو ويندڙ پن بجلي جو اهم منصوبو آهي جنهن تحت 720 ميگاواٽ ??احول دوست ۽ گهٽ لاڳت واري بجلي پيدا ٿي رهي آهي. وزيراعظم ٻوڏ متاثرين جي مدد ۽ بحالي جي لاءِ ڀرپور مالي مدد فراهم ڪرڻ تي چين جي صدر شي جن پنگ، چيني ڪمپنين ۽ چين جي عوام جا دل سان ٿورا مڃيا. وزيراعظم ??ائنا ٿري گارجز کي ڪروٽ ه??ئي??رو پاور پراجيڪٽ کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ ۽ ان منصوبي کي مڪمل طور تي فعال ڪرڻ جي قدم کي ساراهيو ۽ پاڪستان ۾ ماحول دوست ۽ گهٽ لاڳت پن بجلي جي فراهمي تي ان جي ڪوششن کي ساراهيو.