اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظ?? شهباز شريف هرنائي بلوچستان ۾ هيليڪاپٽر حادثي ۾ آفيسرن ۽ جوانن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم هرنائي بلوچستان ۾ هيليڪاپٽر حادثي ۾ 6 آفيسرن ۽ جوانن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظ?? شهيد ميجر خر?? شهزاد، ميجر منيب افضل، صوبيدار عبدالواحد، سپاهي م??مد عمران خان، نائب جليل ۽ سپاهي شعيب جي گهروارن سان تعزيت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي تحفظ، سلامتي ۽ دفاع جي لاءِ پاڪستاني فوج بي م??ال قربانيون ڏنيون آهن. قوم کي پنهنجي شهيدن تي فخر آهي، اهي قربانيون ناقابل فراموش آهن. وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند ڪري ۽ گهروارن کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.