اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ فرانس جي ??فير نڪلوس گيلي ملاقات ڪئي. ان مو??عي تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان فرانس سان ٻطرفي ۽ يورپي يونين جي ڏس ۾ پنهنجي پراڻي تعاون تي ٻڌل لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سڄي پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سبب ٿيندڙ شديد تباهي ۽ سنگين صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حڪومت جي ڪمن تي روشني وڌي. ان سلسلي ۾ وزيراعظم ٻوڏ متاثر ماڻهن سان يڪجهتي ۽ مدد تي فرانسيسي صدر جا ٿورا مڃيا ۽ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ خيما، واٽر پمپ ۽ ڊاڪٽرن ۽ نرسن جي ٽيم کڻي امدادي اڏام موڪلڻ تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ??ه نقصانن جو پئمانو ۽ شدت ايتري وڏي آهي جو اڪيلو اسان جو ملڪ ان جو مقابلو نه ٿو ڪري سگهي ۽ ان ڏس ۾ عالمي برادري جي ??مايت انتهائي اهميت رکندڙ آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين ۾ نه هجڻ جي ??رابر ڪردار جي ??اوجود ان جو شڪار آهي ۽ تازي ٻوڏ ان جو هڪ وڏو سبب آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ??ه فوري ريسڪيو کانسواءِ فرانس بحالي ۽ نئين سر تعمير جي مرحلي ۾ حڪومت جي ڪوششن ۾ حصو وجهي سگهي ٿو. ٻطرفي ڏس ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان گڏيل دلچسپي جي ??مورن شعبن ۾ فرانس سان پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته فرانسيسي سفير ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ سان گڏوگڏ آءِ ٽي، زراعت، پاڻي جي ??نتظام ۽ توانائي جهڙن نئين شعبن جي ڳولا ۾ پنهنجو ڪردار ڪندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان گڏيل فائديمند لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ فرانس سان مسلسل رابطي جو منتظر آهي.