اسلام آباد -31 آگسٽ (اي پي پي) هاڻوڪين سانوڻي جي برساتن ۽ ملڪي سطح تي ٻوڏ جي تباهڪارين جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل صورتحال ۽ پوري ملڪ ۾ انسانيت جي تحفظ لاءِ قومي سطح تي ڀرپور ڪوششن ۽ تعاون جي ضرورت آهي. پاڪ فضائيه جي ترجمان مطابق پاڪستان ايئر ??ور?? ويمن ايسوسيئيشن (پفوا) هڪ فلاحي تنظيم هئڻ جي ناطي قدرتي آفتن د??را?? متاثرن جي مدد لاءِ انساني سرگرمين ۾ هميشه اڳڀري رهي آهي. ان سلسلي ۾ پفوا جي صدر بيگم ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو جي متحرڪ قيادت ۾ پاڪستان ايئر ??ور?? ويمن ايسوسيئيشن ريجنل ايئر ڪمانڊز ۽ پفوا جي چيئر پرسنز سان گڏ پاڪ فضائيه جي سڀني ايئر بيسز تي ضرورتمند ماڻهن لاءِ عطيا، ڪپڙا ۽ ٻيون ضرورت جون شيون جمع ڪرڻ جي حوا??ي سان پاڪ فضائيه جي سڀني ايئر بيسز جي مرڪزن تي پفوا رليف ڪيمپون قائم ڪيون آهن. پاڪ فضائيه جي ترجمان مطابق پاڪستان ايئر ??ور?? ويمن ايسوسيئيشن جي ڪوششن ۽ پاڪ فضائيه جي عورتن جي ڀرپور شموليت جي نتيجي ۾ گڏ ٿيل عطئي ۾ هڪ ڪروڙ 40 لک 83 هزار 883 رپيا مالي ??مد??د طور 7100 مردن جا جوڙا، 9700 عورتن جا ڪپڙا، 10500 ٻارن جي ڪپڙن کان علاوه 3400 گرم ڪپڙا، 1200 ڪمبل ۽ هڪ هزار بسترا شامل آهن. جيڪي پاڪ فضائيه طرفان سڄي ملڪ ۾ ٻوڏ متاثر ع??ائ??ن ۾ قائم ڪيل فلڊ رليف ڪيمپن ۾ اماڻي پئي وڃي ته جيئن ضرورتمند ۽ متاثر ڪٽنبن تائين پهچائي سگهجي.