اسلام آباد – 11 – جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته معاشي طور تي خودمختيار ٿيڻ لاءِ ضرورتمندن جي مدد سان ملڪ ۾ معاشي استحڪام ايندو، ??خو?? فائونڊيشن جي بنا وياج قرض واري سروس خاص طور تي ضرروتمند عورتن لاءِ واکاڻ جوڳي ۽ حوصلي واري آهي، عوام کي درپيش معاشي چئلينجز لاءِ ??خو?? فائونڊيشن جي تعاون جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ۾ ??خو?? فائونڊيشن جي باني ۽ چيئرپرس?? ڊاڪٽر امجد ثاقب سان ملاقا?? دوران ڳالهائيندي ڪيو. اسپيڪر راجا پرويز اشرف صحت ۽ تعليم جي شعبي ۾ ??خو?? جي منصوبن کي ساراهيندي انهن شعبن ۾ ??خو?? جي دلچسپي کي ساراهيو. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته ??خو?? گوجر خان ۾ پنهنجي خدمتن کي وڌائيندو ڇو ته گوجر خان ۾ تقريبن پنج هزار جي لڳ ڀڳ ماڻهو ??خو?? جي تعاون مان مستفيد ٿيا آهن، هن ايندڙ هفتي گوجر خان ۾ ??خو?? جي سيمينار ۾ شرڪت تي به آمادگي ظاهر ڪئي، ??خو?? فائونڊيشن جي چيئرپرس?? ڊاڪٽر امجد ثاقب اسپيڪر کي ننڍو ڪاروبار شروع ڪرڻ لاءِ بنا وياج قرضن جي اسڪيمن جي باري ۾ ٻڌايو. هن چيو ته ??خو?? پنهنجي خدمتن ۾ صحت، تعليم جي شعبي جو به آغاز ڪيو آهي، هن چيو ته تازو ئي ??خو?? چڪوال ۾ يونيورسٽي جو آغاز ڪيو آهي، هن اسپيڪر راجا پرويز اشرف کي چڪوال يونيورسٽي ۾ مدعو ڪيو. هن اسپيڪر کي ??خو?? جي نوجوانن کي آن لائن ڪاروبار جهڙوڪ ايميزون وغيره جي تربيت ڏيڻ جي نون منصوبن جي باري ۾ آگاهه ڪيو.