اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان سان شيخ خليفه زيد بن النهي??ن جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ابوظهبي ۾ مرحوم شيخ خليفه بن زيد النهي??ن جي لاڏاڻي تي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان سان تعزيت ڪئي. تعزيتي اجلاس ۾ شاهي خاند??ن جا ٻيا ماڻهو به موجود هئا. وزيراعظم سان گڏ دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ۽ گڏيل عرب امارات ۾ پاڪست??ن جو سفير افضل محمود پڻ موجود هو. وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي قيادت سان پاڪست??ن جي قيادت، حڪومت ۽ عوام جي گهري همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات ويجهن ڀائراڻن لاڳاپن ۾ ٻڌل آهن. مرحوم شيخ خليفه بن زيد النهي??ن جي قيادت ۾ پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جا لاڳاپا نئين بلندين تي پهتا. هو پاڪست??ن جو مخلص دوست هو. سندس اڻٿڪ خدمتن کي پاڪست??ن جي حڪومت ۽ عوام وڏي عرصي تائين ياد رکندي. گڏيل عرب امارات جي ڀائر ماڻهن سان يڪجهتي جو اظهار ??ند?? پاڪستان حڪومت 13 کان 15 مئي 2022ع تائين ٽي ڏينهن قومي سوڳ جو اعلان ڪيو آهي?? جنهن ۾ قومي جهنڊو سرنگون رهندو.