لاهور – 03 – مئي (اي پي پي) ??زي??اعظم شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ شديد ترين معاشي خطرن ۾ گهيريل آهي، اسان کي مشڪلاتن جو اندازو آهي ان تي ضابطو آڻڻ حڪومت ۽ ان جي اتحادين جي گڏيل ذميواري آهي. ??زي??اعظم محمد شهباز شريف عيد جي نماز ادا ڪرڻ کانپوءِ جاتي امراء ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي چيو ته گڏجي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. هن چيو ته گذريل پوڻا چار سال ۾ اسان کي انت??ام جو نشانو بڻايو ويو، شاهد خاقان عباسي?? راڻا ثناءُ الله، سعد رفيق، مفتاح اسماعيل، مريم نواز، حمزه شهباز انت??ام جو نشانو بڻجندا رهيا، آئون انهن سمورن اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي سلام پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته الله جي آڏو دعا آهي ته هي عيد ترقي ۽ خوشحالي جو پيغام کڻي اچي، مشڪلاتن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ اسان کي الله جي رضا سان گڏ سخت محنت ڪرڻي پوندي. شهباز شريف چيو ته ملڪي معيشت کي تباهه ڪيو ويو آهي جلد ئي قوم کي خطاب ڪندس. ??زي??اعظم شهباز شريف چيو ته اڄ گلا ڪرڻ جو نه پر ڳلي لڳائڻ جو ڏينهن آهي. هن چيو ته اڄ جو ڏينهن قو?? جي هڪ دل ٿيڻ ۽ گڏجي مسڪرائڻ جو ڏينهن آهي. ??زي??اعظم شهباز شريف سمورن پاڪستانين ۽ عالم اسلام کي عيد جي دلي مبارڪباد پڻ ڏني. ??زي??اعظم شهباز شريف ۽ پنجاب جي وڏي ??زي?? حمزه شهباز جاتي امراء ۾ عيدالفطر جي نماز ادا ڪئي. ??زي??اعظم ۽ وڏي ??زي?? پاران عيد جي نماز کانپوءِ ملڪي سلامتي ۽ استحڪا?? جي لاءِ خصوصي دعائون ڪيون ويون. شهباز شريف ۽ حمزه شهباز عيد جي نماز کانپوءِ ماڻهن سان گلي مليا ۽ عيد جي مبارڪباد ڏني.