اسلام آ??اد – 27 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب وزيراعظم شهباز شريف جي ٻن هفتن جي ڪارڪردگي جو ??ائزو پيش ڪري ڇڏيو، اٽو?? کنڊ ۽ گيهه جي ستايل عوام کي سستي شين جي فراهمي شروع ٿي چڪي آهي، وزيراعظم شهباز شريف کنڊ جي قيمت 85 روپ??ا کان گهٽ ڪري 70 روپيا، 10 ڪلو اٽي جو ٿيلهي جي قيمت 550 روپين کان گهٽ ڪري 400 روپيا ڪري ڇڏي هئي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته چئن سالن ۾ مهانگائي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچائي وئي هئي جنهن ۾ آهستي آهستي لاٿ اچڻ شروع ٿي وئي آهي، هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ٻن هفتن ۾ اهي ڪم ڪيا جيڪي عمران خان چئن سالن ۾ سوچي به نه سگهيو. هن چيو ته وزيراعظم ٻن هفتن ۾ بجلي جا بند پيل 27 مان 20 پيداواري يونٽس کي فعال ڪيو، بجلي جا ڪارخانه هلائڻ لاءِ تيل ۽ گئس جي فراهمي لاءِ رڪارڊ قدم کنيا ويا. هڪ سال جي فني خرابين جي ڪري بند پيل ڪارخانا وري بحال ٿيڻ لڳا آهن، هن چيو ته چئن سالن کان بند اسلام آ??اد ميٽرو جو منصوبو چئن ڏينهن ۾ شروع ڪيو. هن چيو ته نيو اسلام آ??اد هوائي اڏي کان ميٽرو کي موٽروي ۽ فيض آباد سان جوڙڻ، بهاره ڪهو ۽ روات ت??ئين توسيع ڏيڻ جي فزيبلٽي جي تياري شروع ٿي وئي آهي، هن چيو ته موٽر وي تي ميٽرو جو ??سٽيشن بڻائڻ جو قدم کنيو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ديامرڀاشا ڊيم تي ڪم جي رفتار وڌائي، ڊيم کي 2029ع بدران 2026ع ۾ مڪمل ڪرڻ جي نئين ڊيڊ لائين رکي، مقامي آبادي جي لاءِ بهترين ۽ جديد علاج لاءِ اسپتال جي فزيبلٽي تيار ڪرڻ جو ??ڪم ڏنو، هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف خضدار ڪچلاڪ شاهراهه کي ٻن کان چائن ڦاڪن ۽ وري ايندڙ مرحلي ۾ ڇهه ڦاڪن واري ڪرڻ لاءِ سيڪشن هڪ ۽ 2 جو پيڙهه جو پٿر رکيو. ان کانسواءِ وزيراعظم بلوچستان جي نوجوانن کي هنرمند بڻائڻ لاءِ پاڪستان جي سڀ کان جديد ترين ٽيڪينڪل يونيورسٽي جي منصوبي جو ??علان ڪيو، وزيراعظم شهباز شريف راولپنڊي، اسلام آ??اد، لاهور، ملتان، ڪراچي وانگر ڪوئيٽا ۾ به ميٽرو سروس جي فزيبلٽي تيار ڪرڻ جو ??ڪم ڏنو، وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان جي غريب ترين پنج لک ماڻهن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان امداد ڏيڻ جو ??علان ڪيو.