بيجنگ – 12 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان چين جي مدد سان سي??ي ڪنڊيڪٽرز زون قائم ڪرڻ جي لاءِ هڪ اهم منصوبو تجويز ڪيو آهي جنهن جو مقصد پاڪستان کي جديد اوزارن ۾ پاڻڀرو بڻائڻ ۽ ترقي جون نيون راهون کولڻ آهي. اها ڳالهه هن چائنا اڪنامڪ نيٽ کي پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان جي تازي چين جي دوري دوران هن سي??ي ڪنڊيڪٽرز انڊسٽري جي پاڪستان منتقلي بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي. اها ٽيڪنالاجي نه رڳو پاڪستان پر چين جي لاءِ پڻ اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته ??سان چاهيون ٿا ته چين جون ٽيڪنالاجي ڪمپنيون پاڪستان اچن ۽ پاڪستان کي سي??ي ڪنڊيڪٽرز مينوفيڪچرنگ جو مرڪز بڻائين. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته ??طلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزير جي حيثيت سان پڻ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن ۽ پنهنجي ان مدي دوران هن سي??ي ڪنڊيڪٽرز ٽيڪنالاجي جي لاءِ مفاهمت جي ياداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ڪيون ۽ سي??ي ڪنڊيڪٽرز مهارت ۾ پاڪستانين کي تربيت جي فراهمي جي لاءِ چين سان حصيداري پڻ ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ??سان پاڪستان ۾ سي??ي ڪنڊيڪٽرز ڊيزائننگ جي شروعات ڪرڻ چاهيون ٿا، مون کي اها ڳالهه ٻڌائيندي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي ته چيني سيڙپڪار پاڪستان سان گڏ ڪم ڪرڻ ۾ تمام گهڻي دلچسپي وٺي رهيا آهن. هن چيو ته ٽيڪنالاجي زون کي سي??ي ڪنڊيڪٽرز زون ۾ تبديل ڪيو ويندو. چوڌري فواد حسين چيو ته ??ائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو تمام وڏو شعبو آهي جنهن ۾ ٻئي ملڪ تعاون ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته موبائيل فونز هاڻي پاڪستان ۾ تيار ٿي رهيا آهن پر اسان ان کان هڪ قدم اڳتي وڌندي پاڪستان ۾ موبائيل فونز جي مڪمل مينوفيڪچرنگ شروع ڪرڻ چاهيون ٿا. چوڌري فواد حسين چيو ته ??حت ج?? شعبي ۾ اوزارن جي حوالي سان ٻطرفي تعاون ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته ڪوويڊ 19 جي شروعات جي ڪجهه مهينن دوران اسان ان شعبي بابت هر شيءَ درآمد ڪري رهيا هئاسين پر هاڻي پاڪستان ان حوالي سان هڪ وڏو برآمد ڪندڙ ملڪ آهي. هن چيو ته ??هو اهم سنگ ميل اسان مختصر عرصي ۾ حاصل ڪيو آهي ۽ هاڻي صحت ج?? شعبي ۾ تعاون جا وسيع امڪان موجود آهن. هن چيو ته پاڪستان وٽ هنرمند ليبر ۽ هڪ وڏي مارڪيٽ آهي، اسان کي اميد آهي ته چيني ٽيڪ ڪمپنيون ٽيڪنالاجي زون ۾ اسان جي مدد ڪنديون ۽ اهڙي طرح اسان انهن شعبن ۾ ڪاميابي سان اڀري سگهنداسين. هن اميد ظاهر ڪئي ته وزيراعظم جي تازي چين جي دوري کانپوءِ ڪيتريون ئي چيني ٽيڪنالاجي ڪمپنيون پاڪستان اينديون ڇو ته سي??ي ڪنڊيڪٽر هر ٽيڪنالاجي جو بنيادي عنصر آهي جنهن سان مقامي مينوفيڪچرنگ مصنوعات ۾ ويليو ايڊيشن آڻڻ ۾ مدد ملندي. واضح رهي ته وزيراعظم عمران خان پنهنجي تازي دوري دوران چين جي ن??ليواري ٽيڪنالاجي ڪمپنين جي اڳواڻن سان ملاقاتن جو سلسلو جاري رکيو ۽ ٻنهي طرفن کان سافٽ ويئر ڊيولپمينٽ، انفارميشن اينڊ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجي، طبي تشخيص ۽ ٻين لاڳاپيل شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.