اسلام آباد – 12 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ضرورت جي ??ين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي هدايتن تي موثر عملدرآمد سان ٽماٽي جي قيمت ۾ هڪ هفتي ۾ اٽڪل 15 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ٿي آهي. فرخ حبيب پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ?? چيو ته شماريات ڊويزن جي انگن اکرن موجب ٽماٽا، کنڊ، بيضا، بصر، مڱ جي دال، ايل پي جي سميت 14 ضرورت جي ??ين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير چيو ته گذريل سال انهي عرصي جي ڀيٽ ?? ڳاڙها مرچ پائ??ڊر جي قيمت 31.44 سيڪڙو، مڱ دال 27.75 سيڪڙو ۽ کنڊ جي قيمت ۾ 4.78 سيڪڙو گهٽتائي ٿي. هن چيو ته اهڙي طرح چڪن 4.51 سيڪڙو، بصر 4.16 سيڪڙو ۽ پٽاٽي جي قيمت ۾ گهٽتائي رڪارڊ ٿي آهي.