اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد ح??ين چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت اظهار جي آزادي جي راءِ تي مڪمل يقين رکي ٿي، صحافت ۾ ڪورٽ رپورٽر جو ڪردار تمام اهم آهي، ڪورٽ رپورٽرز ٽيڪينڪل فيلڊ آهي، وڪيلن وانگر صحافين کي به قانون کان آگاهي رکڻي پوندي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد ح??ين اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جرنلسٽس ايسوسيئيشن جي نئين چونڊيل باڊي کي مبارڪباد ڏيندي ڪيو. هن چيو ته غير جانبداراڻي صحافت سان ئي معاشرو صحيح رخ ۾ هلي سگهي ٿو، حڪومت فيلڊ ۾ ڪ?? ڪندڙ صحافين جي مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته سڀني صحافين کي اي??دڙ ڏينهن ۾ حڪومت پاران صحت ڪارڊ جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي، ان موقعي تي چوڌري فواد ح??ين ايڪسپريس نيوز جي ثاقب بشير کي صدر، نيو نيوز جي ذيشان سيد کي جنرل سيڪريٽري، سينئر نائب صدر رضوان قاضي، انڊپينڊ??ٽ اردو سان لاڳاپيل مونا خان ??ي نائب صدر ۽ ح??ين احمد کي فنانس سيڪريٽري چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني.