اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) پر??يه?? وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته 19 ڊسمبر تي او آءِ سي پر??يه?? وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاس جا ٽي سيشن هوندا، سيڪريٽري جنرل او آءِ سي سميت مهمان ۽ وفد اڄ جمعي تي پاڪستان اچڻ شروع ٿي ويندا، شروعاتي ۽ پڄاڻي وارا سيشن اوپن جڏهن ته ورڪنگ سيشن ان ڪئميرا هوندو، اجلاس ۾ اسان افغان وفد کي به گهرايو آهي. روس ۽ آمريڪا به پنهنجي نمائندن کي موڪلڻ تي راضپو ظاهر ڪيو آهي. پر??يه?? وزير مخدوم شاهه محمود قريشي پر??يه?? وزارت ۾ ٽي وي اينڪرز ۽ نيوز ايڊيٽرز کي افغانستان جي صورتحال ۽ او آءِ سي پر??يه?? وزيرن جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏئي رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد ??سين ۽ مملڪتي وزير فرخ حبيب اجلاس ۾ خصوصي شرڪت ڪئي، پر??يه?? وزير چيو ته پاڪستان ۾ هڪ ڊگهي عرصي کان پوءِ 19 ڊسمبر تي او آءِ سي پر??يه?? وزيرن جي ڪائونسل جو غير معمولي اجلاس ٿيڻ وڃي رهيو آهي، 15 آگسٽ کانپوءِ افغانستان۾ جيڪا تبديلي رونما ٿي ۽ ان کانپوءِ ان تبديلي جي حوالي سان ڪيترائي خدشا سامهو آيا، هن چيو ته اسان جي پاڙيسري ان موقعي مان فائدو کڻڻ لاءِ ”سينڪشن پاڪستا??“ ??ي ميڊيا مهم هلائي، الله جي ڪرم سان ان جو ڪوڙ بي نقاب ٿيو ۽ اسان جي ميڊيا ان ڪوڙ کي بي نقاب ڪرڻ ۾ اهم ڪردار اد ڪيو، هن وقت افغانستان ۾ معاشي بحران شدت اختيار ڪندو پيو وڃي، شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان جي معاشي ۽ انساني بحران جي ڪري پناهگيرن جي يلغار جو خطرو ٻيهر ڪنڌ کڻي رهيو آهي، پاڪستان 15 آگسٽ کانپوءِ افغانستان جي ويجهي پاڙيسر?? ملڪن سان رابطو ۽ مشاورت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، اسان گڏيل لائحه عمل جي جوڙجڪ لاءِ افغانستان جي 6ويجهي پاڙيسر?? ملڪن جو فورم جوڙيو، ان فورم جو پهريون ورچوئل اجلاس پاڪستان جڏهن ته ٻيو تهران ۾ ٿيو جڏهن ته ٽيون بيجنگ ۾ متوقع آهي، ان کانسواءِ اسان ماسڪو فا??مي?? ۾ پنهنجو موقف ۽ ٽرائيڪا پلس جي فورم جي ذريعي به افغانستان جي صورتحال تي پنهنجو موقف پيش ڪيو. هن چيو ته اسان او آءِ سي پر??يه?? وزيرن جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس ۾ مسلمان ملڪن سان گڏوگڏ گڏيل قومن جي ايجنسيز، پي 5، ۽ اهم يورپ?? ملڪن جي نمائندن کي به دعوت ڏني وئي آهي، اسان ڪنهن هڪ طبقي جي ڳالهه نه ڪري رهيا آهيون پر لکين افغاني شهرين جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون جيڪي هن وقت شديد معاشي بحران کي منهن ڏئي رهيا آهن. پر??يه?? سيڪريٽري چيو ته سيڪريٽري جنرل او آءِ سي سميت مهمان ۽ وفد اڄ جمعي تي پاڪستان اچڻ شروع ٿي ويندا جڏهن ته 19 تاريخ تي او آءِ سي پر??يه?? وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاس جا ٽي سيشن ٿيندا، شروعاتي ۽ پڄاڻي وارو سيشن اوپن جڏهن ته ورڪنگ سيشن ان ڪئميرا هوندو.