استنبول – 09 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حقيقي ترقي سڀني کي گڏ کڻي هلڻ جو نالو آهي ۽ ان جا ثمر معاشري جي هيٺين طبقي تائين پهچائڻ اڻٽر آهن ته جيئن کين معاشي طور تي بااختيار بڻائي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پائيدار ترقي (ايس ڊي پي آءِ) بابت پاليسي اداري جي اهتمام هيٺ منعقد 24 هين پائيدار ترقي ڪانفرنس جي پڄاڻي واري اجلاس کي آن لائين خطاب ڪندي ڪيو. ايس ڊي پي آءِ پاران جاري پريس رليز موجب وزيراعظم چ??و ته مسلمانن جي پهرين رياست جيڪا صحيح معنيٰ ۾ هڪ فلاحي رياست ??ئي ۽ ان ۾ غريبن، يتيمن ۽ بيواهن جو خيال رکيو ويندو هو، هن چ??و ته اها رياست ترقي جو بهترين نمونو پيش ڪندي آهي جن??ن دنيا جي هڪ بهترين تهذيب جو بنياد رکيو. هن چ??و ته هر اها قوم جيڪا رياست ??ديني جي نموني جي تقليد ڪندي، ان کي عروج حاصل ٿيندو جن??ن جو بهترين مثال چين آهي جن??ن مختصر عرصي ۾ 70 ڪروڙ ماڻهن کي غربت مان ٻاهر ڪڍيو. اهو مقصد ڪمزور طبقن تي خرچ ڪرڻ ۽ شموليتي ترقي جي ذريعي حاصل ڪيو ويو. هن چ??و ته ڪورونا وبا جي دوران اسان جي حڪومت تي مڪمل لاڪ ڊائون لڳائڻ جي حوالي سان سخت دٻاءُ هو پر اسان سمارٽ لاڪ ڊائون جو رستو اختيار ڪ??و ته جيئن ماڻهن کي وبا کان بچائڻ سان گڏوگڏ ماڻهن کي روزگار ۽ معيشت کي تباهه ٿيڻ کان بچائڻ ۾ به ڪاميابي حاصل ڪئي. هن چ??و ته آئون ايس ڊي پي آءِ جو ٿورائتو آهيان جن??ن فوڊ سيڪيورٽي ڊيش بورڊ قائم ڪري حڪومت کي روز مره جي استعمال جي شين جي ??ست??ابي تي نظر رکڻ ۾ مدد ڏني.