ڪراچي – 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? آهي ته سامونڊي آلودگي ۾ گهٽتائي بحري شعبي جي پائيداري لاءِ ضروري آهي ۽ پاڪستان ان حوالي ??ان موثر ڪوششون ڪري رهي?? آهي.
اهڙن خيالن جو اظهار هن ورلڊ ميري ٽائيم ڊي جي موقعي تي منعقد سيمينار کي اسلام آباد مان وڊيو لنڪ جي ذريعي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب جو اهتمام ميري ٽائيم معاملن جي وزارت مقامي هوٽل ۾ ڪيو هو، صدر چيو ته پاڪستان سامونڊي وسيلن سان مالا مال آهي ان جون بندرگاهون ۽ شپ يارڊ قومي معيشت ۾ پنهنجو حصو وجهي وڏو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن.
صدر چيو ته بحري معاملن وارو وفاقي وزير س??د علي ??يدر زيدي پاڪستان جي سامونڊي حدن ۽ ساحلي ??لائقن مان آلودگي جي خاتمي لاءِ ڪوششون ڪري رهي?? آهي جنهن جي ڪري ماهيگيري جي شعبي ۾ بهتري اچي رهي آهي.
ان موقعي تي سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل خطاب ڪندي چيو ته ميري ٽائي?? جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جا وسيع امڪان آهن پر بدقسمتي سان سيڙپڪار ان شعبي ۾ سيڙپڪاري لاءِ متوجهه نه آهن.
وفاقي وزير س??د علي ??يدر زيدي چيو ته ڪيترائي شعبا بليو اڪانومي سان ڳنڍيل آهن، اسان ماهيگرن جي ترقي لاءِ هڪ ڪامياب ماهيگير پروگرام شروع ڪي?? آهي، انهن کي آسان قسطن ۾ قرض فراهم ڪرڻ گهرجي.