اسلام آباد ??? پ??رين سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وفاقي حڪومت بلوچستان جي عوام ??ي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، صوبي جي عوام جي لاءِ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ترقياتي پئڪيج پيش ڪيو ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلوچستان جي گورنر سيد ظهور آغا سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال ۽ جاري ترقياتي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال ۾ وڌيڪ بهتري جي لاءِ سمورين لاڳاپيل ڌرين کي اعتماد ۾ وٺڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ت?? حڪومت بلوچستان جي عوام ??ي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، صوبي جي عوام جي لاءِ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وڏو ترقياتي پئڪيج پيش ڪيو ويو آهي. هن چيو ت?? ايگريڪلچرل ٽرانسفارميشن پلان بلوچستان جي آبادگارن ??ي مدد سان گڏوگڏ صوبي ۾ زراعت ??ي ترقي کي يقيني بڻائيندو.