مشهد – 04 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي وفد سميت مش??د پهچي ويو آهي. مش??د جو ڊپٽي گورنر ۽ ڪائونسل جنرل عارف ڀٽني ايئر پورٽ تي وفد جو استقبال ڪيو. وفد روضه امام رضا تي حاضري ڏيڻ کانپوءِ تهران روانو ٿي ويندو. سينيٽ چيئرمين جي سربراهي ۾ وفد ايران جي نئين چونڊيل صدر ابراهي?? رئيسي جي حلف برداري جي تقريب ۾ شرڪت ڪندو. پنهنجي ٻن ڏينهن جي دوري دوران محمد صادق سنجراڻي ايران جي صدر ابراهي?? رئيسي سميت ٻين اهم اڳواڻن سان ملاقاتون به ڪندو. ان دوري ۾ سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي وزيراعظم پا??ستان عمران خان پاران پا??ستان جي ??ما??ندگي ڪري رهيو آهي. اعليٰ سطح تي پارلياماني وفد ۾ سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان گڏ سينيٽرز دلاور خان، احمد خان، محمد عبدالقادر کانسواءِ سينيٽ جا اعليٰ عملدار به شامل آهن.