اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ??يو آهي ته حڪومت ۽ مخ??لف ڌر ۾ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي مقرري تي ڊيڊ لاڪ جو تاثر درست نه آهي، وزيراعظم آئين موجب مخ??لف ڌر اڳواڻ کان ان معاملي تي راءِ وٺندو، هڪ مضبوط اليڪشن ڪميشن جنهن تي سمورين پارٽين جو اعتماد هجي، پاڪستان جي مفاد ۾ آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته عمران خان جي جدوجهد شفاف نظام لاءِ آهي، چونڊ سڌارا ۽ نيب قانونن تي به حڪومت کلي دل سان اڳتي وڌڻ چاهي ٿي، هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته وڏن معاملن تي پارليامينٽ ۾ اتفاق راءِ پيدا ٿئي، سياسي نظام جو استحڪام آئين جي احترام ۾ لڪل آهي ۽ چونڊن، احتساب ۽ قومي سلامتي تي اتفاق راءِ سياسي نظام کي استحڪام ڏيندو.