ڪراچي – 20 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته سنڌ جي اندر جمهوريت جي نالي تي ڊڪٽيٽرشپ موجود آهي، سنڌ ۾ ايندڙ حڪومت پاڪستان تحريڪ انصاف جي هوندي، پي ڊي ايم جي نالي تي م??الف ڌر هڪ بي ذائقه ڊش تيار ڪئي جنهن کي هي پاڻ به چکي نه ٿا سگهن، اهي سڀ پارٽيون دم ٽوڙيندڙ سياسي تخت نشيني جي ويڙهه جو حصو آهن، ڀان متي ڪنبو جوڙيو، ڪٿان جي سرهه ڪٿان جي ريتي، انهن جي صورتحال اها آهي، مخالف ڌر عمران خان کي چئلينج ڏيڻ چاهي ٿي ته اهي پنهنجي گريبان ۾ جهاتيءَ پائين، هن وقت پاڪستان جو ڪو ليڊر آهي اهو عمران خان آهي، اڄ تائين پاڪستان جي ڪنهن ليڊر افغانستان تي ايتري واضح پاليسي ناهي ڏني، اسان پار??يا??ينٽ کي م??بوط ڪرڻ چاهيون ٿا، اسان هڪ ٻڏل معيشت کي سهارو ڏنو، ايندڙ مالي سال ۾ اسان جي م??يشت 6 سيڪڙو تائين ترقي ڪندي، مخالف ڌر اڳواڻ چونڊ سڌارن تي پار??يا??ينٽ کان ٻاهر معاملا طئي ڪرڻ چاهي ٿو، صاف ظاهر آهي شهباز شريف جو پنهنجي پارٽي تي ڪنٽرول نه آهي، ان کي پنهنجي فيصلن جي لاءِ ڪنهن ٻئي جي ڪلهي جو سهارو وٺڻ جي ضرورت هوندي آهي، پار??يا??ينٽ جي بل تي پار??يا??ينٽ جي ٻاهر غيرچونڊيل ماڻهن تي دارومدار ڪري پار??يا??ينٽ کي ڪمزور ڪندا ته ان سان جمهوريت ڪمزور ٿيندي، جيڪو پئسو به سنڌ سرڪار جي حوالي ڪيو وڃي ٿو اهو ٻاهرئين ملڪ مان نڪري ٿو، سنڌ ۾ عام هاريءَ وٽ ته پاڻي نه اچي رهيو آهي پر فريال ٽالپر، آصف زرداري ۽ مراد علي شاهه جي زمينن ۾ پاڻي جو ڪو مسئل?? نه آهي، هي م??ڻهو پاڻ پاڻي چوري ۾ ملوث آهن، ڪامياب جوان پروگرام ۾ صحافين جي لاءِ خصوصي اسڪيم متعارف ڪرائي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.