اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي 2021ع جي ڪامياب ميزباني ڪرڻ تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام کي مبارڪباد پيش ڪندي ماحوليات جي شعبي جي ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪيو آهي. ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي تقريب ۾ پاڪستان ۾ چين جي سفير صدر شي جن پنگ جو پيغام پڙهي ٻڌايو. وزيراعظم عمران خان، پارليامينٽ جا ميمبر، غير ملڪي سفارتڪار، ماحوليات جا ماهر ۽ ٻيا اعليٰ عملدار به ان موقع?? تي موجود هئا. چيني صدر ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي پاڪستان جي ميزباني ۾ ڪامياب انعقاد ۽ گڏيل قومن جي ڏهاڪي ايڪو سسٽم 2021ع کان 2030ع جي آغاز کي سارهيو. هن چيو ته تهذيبن جي خوشحالي لاءِ قدرتي ماحول سان گڏ ??ائيدار تعلق هموار ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان حوالي سان عالمي برادر?? کي ذميداراڻو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.