اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سال 2020ع ۾ 323 ارب روپين جي وصولي تي قومي احتساب بيورو جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته معاشري مان بدعنواني جي ??اتمي، شفاف گورننس ۽ احتساب جي فروغ لاءِ وڌيڪ موثر قدم کنيا وڃن، بدعنواني کان پاڪ پاڪستان جي ويزن جي پڄاڻ?? لاءِ احتساب سڀن?? لاءِ يقيني بڻائڻ جي ??رورت آهي، هو نيب جي چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال سان ڳالهائي رهيو هو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي، ان موقعي تي نيب جي چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال صدر کي سال 2020ع بابت نيب جي ??پورٽ پيش ڪئي، هن نيب جي ڪارڪردگي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته نيب سال 2020ع ۾ 24 هزار 706 شڪايتون مليون، ان دوران گذريل سال جي ??ڪايتن سميت مجموعي طور تي 30 هزار 405 شڪايتون اڪلايون ويون، هن چيو ته نيب 878 شڪايتن جي ??وسيع تي ڪارروائي ڪئي، جڏهن ته 369 انڪوائريز ۽ 175 انويسٽيگشنز ڪيون ويون، ان کانسواءِ گذريل سال احتساب عدالتن ۾ 136 ريفرنس داخل ڪيا ويا، نيب چيئرمين چيو ته سال 2020ع دوران پراسيڪيوشن ڪاميابي جو مجموعي تناسب 66 سيڪڙو رهيو، صدر سال 2020ع ۾ 323 ارب روپين جي ??ڪوري ڪرڻ تي نيب جي واکاڻ ڪئي.