اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) ناڻي ۽ روينيو واري وفاقي وزير شوڪت ترين جي ورچوئل صدارت ۾ ڪابينا جي نجڪا??ي بابت ذيلي ڪم??ٽي (سي سي او پي) جي اجلاس ۾ نيشنل پاور پارڪس ميينجمينٽ ڪم??ني لميٽڊ (اين پي پي ايم سي ايل) جي نجڪاري تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. ناڻي واري وزارت پاران جاري پريس رليز موجب ناڻي واري وفاقي وزير جي ورچوئل صدارت ۾ ڪابينا جي نجڪا??ي بابت ذيلي ڪم??ٽي جو اجلاس هتي فنانس ڊويزن ۾ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ نجڪاري وارو وفاقي وزير، وزيراعظم جو اداره جاتي سڌارن وارو صلاحڪار، پاور بابت خاص مددگار، ايف بي آر چيئرمين ۽ ناڻي ۽ روينيو بابت خاص مددگار شرڪت ڪئي، جڏهن ته پاور، پيٽروليم ۽ نجڪاري جي سيڪريٽرين به شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ نيشنل پاور پارڪس مينيجمينٽ ڪم??ني لميٽڊ جي نجڪاري تي ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو ۽ ان حوالي س??ن ڪابينا جي توانائي بابت ڪم??ٽي، ڪابينا جي نجڪا??ي بابت ڪم??ٽي ۽ سي سي سي جي في??لن تي عملدرآمد جو به جائزو ورتو ويو.