اسلام آباد – 30 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان هنگري جي پرڏيهي ۽ واپار واري وزير پيٽر سيزج جارتو جمعي تي هتي ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي دوستاڻي رابطن جي مناسبت ۽ پوٽينشل کي نظر ۾ رکندي مضبوط اقتصادي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي اهمي?? تي زور ڏنو. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، توانائي، آبي وسيلن جي انتظام، خوراڪ ۽ زراعت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ اعليٰ تعليم جي شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ جي ضرور?? تي زور ڏنو، و??يراعظم هنگري جي ڪاروباري برادري تي زور ڏنو ته هو ڪاروبار دوست ماحول جو فائدو کڻندي پاڪستان ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري ڪن. ملاقات ۾ ڪووڊ – 19 جي وبا جي معيش?? تي منفي اثرن جي باري ۾ ??يا??ن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، و??يراعظم عمران خان پ??هنجي عوام جي ويڪسينيشن جي سلسلي ۾ هنگري جي حڪومت جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي، هن چيو ته پاڪستان ۾ اسان نه رڳو پنهنجي عوام کي ڪورونا وائرس کان محفوظ بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پر انهن کي معيش?? تي ٿيندڙ منفي اثرن کانپوءِ بک جي هٿان مرڻ کان بچائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون، و??يراعظم افغانستان جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته افغانتسان ۾ تڪرار جو ڪوبه فوجي حل نه آهي ۽ صرف ڳالهين جي ذريعي ئي مسئلي جو سياسي حل ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي.