اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جيستائين ٽر??ڪ اينڊ ٽر??س سسٽم لاڳو نٿو ٿئي تيستائين ٽيڪس چوري روڪي نٿي سگهجي، شوگر انڊسٽري، سيمنٽ انڊسٽري، فرٽيلائيزر انڊسٽري ۽ سگريٽ انڊسٽري ۾ وڏي پئماني تي ٽيڪس چوري ٿيندي آهي، 40 سيڪڙو سگريٽ بليڪ تي وڪرو ڪيا ويندا آهن، اڻ سڌي ٽيڪسن جو با?? عوام کي کڻڻو پوندو آهي، ٽر??ڪ اينڊ ٽر??س سسٽم جي معاملي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو منع نامو ??تم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ملڪ جي چونڊ نظام کي شفاف بڻائڻ جي لاءِ اڻٽر ٿي چڪي آهي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي معاملي تي اڳڀرائي کان ڪابينا جي هر اجلاس ۾ آگاهه ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪابينا اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.