ڪراچي – 12 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي م??ڪ ۾ سماجي ۽ معاشي انقلاب لاءِ عورتن جي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت جي فروغ تي زو?? ڏنو. هو گورنر هائوس ۾ پاڪستان ريلوي ۽ دي سٽيزن فائونڊيشن جي نمائندن سان ملاقات ۾ ڳالهائي رهيو هو. اجلاس ۾ خاتون اول بيگم ثمينه علوي به موجود هئي جڏهن ته ٻين شرڪت ڪندڙن پاڪستان ريلوي جي ڊويزنل سپرنٽينڊنٽ ڪراچي محمد حنيف گل، ٽي سي ايف جي جنرل مينيجر راحيله فاطمه شڪيل، انصاف ڪميونٽي سوسائٽي جي صدر زاهد اصغر شامل هئا. صدر خصوصي ٻارن کي تعليم فراهم ڪري انهن کي معاشي ??ظا?? ۾ شامل ڪر?? تي زو?? ڏنو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته بنگلاديش عورتن جي تعليم ۽ صلاحيتن ۾ اضافو ڪري م??ڪ مان غربت کي ختم ڪر?? ۽ معيشت کي پائيدار بڻائڻ ۾ ڪاميابي ح??صل ڪئي آهي. هن چيو ته انهي طرح پاڪستان کي به پائيدار ترقي جا هدف ح??صل ڪرڻ لاءِ عورتن جي تعليم ۽ پيشيوراڻي صلاحيتن ۾ اضافو ڪر?? تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.