ايبٽ آباد – 23 – جنوري (اي پ?? پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته صحافين جي ڀلائي، علاج جي سهولتن ۽ درپيش مسئلن جي ??ل لاءِ جرنلسٽس پروٽيڪشن بل جي اسيمبلي مان منظوري جلد وٺنداسين، علائقائي زبانن جي ترويج ۾ هن??ڪو کي ريڊيو جي نشريات ۾ شامل ڪرڻ سميت ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پ?? پي) جو هن??ڪو شعبو به قائم ڪنداسين، پي ٽي وي بيورو ۽ ريڊيو پاڪستان جي ملازمن کي ايبٽ آباد ۾ بحال ڪنداسين. هو اسلام آباد ۾ ايبٽ آباد پريس ڪلب جي صدر محمد عامر شهزاد جدون جي سربراهي ۾ ملندڙ صحافين جي وفد سان ڳالهائي رهيو هو.