حڪومت معاشري جي محروم طبقن جي ڀلائي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي: صدر

image
APP40-291220 ISLAMABAD: December 29 - President Dr Arif Alvi and Ambassador of Republic of Azerbaijan Ali Alizada in a group photo with children with physical disabilities in a wheelchairs distribution ceremony organized by the Embassy of Azerbaijan at Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 29 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حڪومت معاشري جي محروم طبقن جي فلاح ۽ ڀلائي لاءِ مسلسل ڪوششون ڪري رهي آهي، خصوصي ماڻهن جي بحالي ۽ انهن جي معاشي خودمختياري حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومت احساس پروگرام تحت 20 لک خصوصي ماڻهن کي مالي امداد فراهم ڪندي، ڪامياب جوان پروگرام تحت خصوصي ماڻهن کي ڪاروبار لاءِ قرض فراهم ڪيا پيا وڃن، حڪومت ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار لاءِ خصوصي ماڻهن کي قرض فراهم ڪري رهي آهي پر آگاهي نه هجڻ جي ڪري انهن قرضن سان خصوصي ماڻهن جو وڏو انگ فائدو نه کڻي رهيو آهي، ميڊيا خصوصي ماڻهن جي ڀلائي لاءِ کنيل قدمن بابت آگاهي پيدا ڪري ۽ معاشري ۾ خصوصي ماڻهن بابت تعصب جو ازالو ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ خصوصي ماڻهن ۾ خصوصي وهيل چيئرز ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.

مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن خریداری