پاڪستان بحرين سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو: صدر آصف علي زرداري

image

اسلام آباد – 19 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان بحرين سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو جيڪي گڏيل مذهب، ثقافت ۽ تاريخ تي ٻڌل آهن، پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي گڏيل طور تي فائديمند اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار بحرين نيشنل گارڊ جي ڪمانڊر جنرل شيخ محمد بن عيسيٰ بن سلمان الخليفه سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ بحرين جوپ سفير محمد ابراهيم محمد عبدالقادر پڻ موجود هو. صدر ڪمانڊر بحرين نيشنل گارڊ جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ بهترين لاڳاپا آهن جن کي گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته سندس پختو يقين آهي ته پاڪستان ۾ هڪ خوشحال ملڪ بڻجڻ جي تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي ۽ اهو وڌيڪ مضبوط ٿيندو. ملاقات دوران بحرين جي نيشنل گارڊ جي ڪمانڊر صدر کي ٻيون ڀيرو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته پاڪستان سندس قيادت ۾ اڳتي وڌندو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهترين دفاعي تعاون آهي ۽ پاڪستان جي هٿياربند فوج جي معاون ڪردار تي ٿورا مڃيا. هن بحرين پاران پاڪستان جي حمايت جاري رکڻ جو پڻ ورجاءُ ڪيو. جنرل شيخ محمد بن عيسيٰ بن سلمان آل خليفه صدر کي بحرين جي دوري جي دعوت ڏني. صدر نيشنل گارڊ آف بحرين جي ڪمانڊر جا سندس پاڪستان جي دوري ۽ مبارڪباد پيش ڪرڻ تي ٿورا مڃيا.

مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ