اسلام آباد – 31 – مارچ (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف اسلام آباد ۾ مفت اٽي جي فراهمي جي مرڪز جو دورو ڪيو ۽ شهرين کي مفت اٽي جي فراهمي جي سهولتن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پڻ ساڻس گڏ هئي. وزي??اع??م کي اسلام آباد ۾ مفت اٽو فراهمي جي سهولتن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. وزي??اع??م کي ٻڌايو ويو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ جيڪي ماڻهو شامل نه آهن انهن جي لاءِ جدا ڪا??ون??ر ٺاهيا ويا آهن. وزي??اع??م اٽي جي ورڇ جي لاءِ سهولتن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي وزي??اع??م ڪمزور شهرين کي انتظار ڪرائڻ کانسواءِ انهن کي فوري اٽي جي فراهمي جي هدايت ڪئي. وزي??اع??م بزرگ شهرين ۽ عورتن کان اٽي ورڇ جي حوالي سان ڏني ويندڙ سهولتن بابت پڻ معلوم ڪيو. هن مستحق ماڻهن ۾ پنهنجي نگراني ۾ مفت اٽو و??ها??و. وزي??اع??م ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته اٽو ورهائڻ جي لاءِ سٺا انتظام ڪيا ويا آهن، عوام جو انگ به تمام وڌيڪ آهي، انهن سڀني کي ويهڻ جي مناسب سهولت ڏني پئي وڃي جيڪا خوش آئنده آهي، اسان کي آپريشنل مسئلن ۾ رڪاوٽون ختم ڪرڻيون آهن، انتظاميا سچائي سان ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ٻي انتظاميا کي مبارڪباد ڏيان ٿو، مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ فوري حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي. هن ڪمشنر کي هدايت ڪئي ته فوٽو ڪاپي تي اٽي جي فراهمي جي حوالي سان حڪمت عملي ٺاهي فوري آگاهه ڪري. هن چيو ته هتي ڪارڪردگي تمام گهڻي حوصلي جوڳي آهي.