ابوظهبي – 13 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سندس يو اي اي جو دورو ٻطرفي دوستي کي اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۾ بدلائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. پاڪستان بزنس ڪائونسل گڏيل عرب امارات جي وفد سان هتي ملاقات ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته کيس اهو ڄاڻي خوشي ٿي آهي ته پاڪستاني بزنس مين پنهنجي محنت ۽ تجربي کي استعمال ۾ آڻيندي گڏيل عرب امارات ۾ پنهنجو ۽ پاڪستان جو نالو روشن ڪري رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته گڏيل عرب امارات جي قيادت سان سندس ملاقاتون ڪامياب رهيون، سندس هي دورو پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي دوستي کي اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۾ بدلائڻ ۾ مدد ڏيندو. هن چيو ته جنيوا ??انفرنس ۾ عالمي برادري اميد کان وڌيڪ اعلان ڪيا. وزيراعظم پاڪستان بزنس ڪائونسل گڏيل عرب امارات جي وفد کي پاڪستان ۾ ڪاروبار ۽ س??ڙپ??اري جي ترغيب ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ توانائي، ريئل اسٽيٽ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، متبادل توانائي، فوڊ پراسيسنگ، سياحت ۽ ٻين شعبن ۾ س??ڙپ??اري جا ڀرپور موقعا موجود آهن ۽ حڪومت س??ڙپ??ارن ۽ بزنس مين کي سموريون سهولتون ڏيڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم وفد کي پاڪستان ۾ س??ڙپ??اري جي حوالي سان تجويزن سان گڏ پاڪستان اچڻ جي دعوت پڻ ڏني. وفد حڪومتي معاشي پاليسيز تي اطمينان جو اظهار ڪندي پاڪستان ۾ ڪاروبار ۽ س??ڙپ??اري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ناڻي ۽ اوڳا??ين واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، واپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر، دفاع واري وفاقي وزير خواجه آصف ۽ سرڪار?? آفيسرن شرڪت ڪئي.