اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مهانگائي جي شرح 81 مهينن جي گهٽ ترين سطح تي اچڻ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسان ???اڏار پا??ست??ن“ جهڙي منصوبي جي شروعات ڪئي آهي، اهو منصوبو پا??ست??ن کي دنيا جي پهرين صف جي ملڪن ۾ بيهاريندو، حڪومت معاشي سڌارن جي پاليسي تي گامزن آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ڊسمبر 2024ع ۾ مهانگائي جي شرح 4.1 سيڪڙو تي اچڻ خوش آئنده آهي، ميڪرو اڪنامڪ استحڪام حاصل ڪري و??تو آهي پر اها رڳو شروعات آهي. هن چيو ته اسان ???اڏار پا??ست??ن“ جهڙي منصوبي جي شروعات ڪئي، اهو منصوبو پا??ست??ن کي دنيا جي پهرين صف جي ملڪن ۾ بيهاريندو، حڪومت معاشي سڌارن جي پاليسي تي گامزن آهي. هن چيو ته 24 سالن کانپوءِ ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس ٿيو، ناڻي و??ڌ 38 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 4.1 سيڪڙو تي اچي و??ي، پا??ست??ن جي اسٽاڪ مارڪيٽ دنيا جي ٻي بهترين مارڪيٽ بڻجي چڪي آهي. وزيراعظم چيو ته پاليسي ريٽ 22 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 13 سيڪڙو تي اچي ويو آهي، حڪومتي معاشي ۽ مالياتي ٽيم جي محنت سان معيشت استحڪام طرف وڌي رهي آهي. هن چيو ته عوام جي مشڪلاتن جو احساس هو، عوام جي مشڪلاتن جي حل لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪيو، انشاءَ الله عوام جي زندگين ۾ وڌيڪ بهتري ايندي.