اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي( اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وف??قي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته تحريڪ ان??شار ملٽري ڪورٽس جي م??املي کي تڪراري بڻائي رهي آهي، ملٽري ڪورٽس تي سياست ڪندڙ اهو وساري رهيا آهن ته باني چيئرمين پي ٽي آءِ پنهنجي دور ۾ ملٽري ڪورٽس جون فضيلتون بيان ڪندو رهيو آهي، ملٽري ڪورٽس ۾ ڪنهن جو ٽرائل ان وقت ٿئي ٿو جڏهن ڪير دفاعي اداري تي حملي آور ٿئي، فوجي ٺڪاڻن تي حملي جو ڪيس ملٽري ڪورٽس ۾ ئي هلندو آهي، جوابدار کي وڪيل ڪرڻ، رڪارڊ تائين پهچ ۽ فيصلي جي خلاف اپيل جو حق حاصل هوندو آهي، جن کي سزا ٿي انهن جي خلاف ناقابل ترديد ثبوت موجود آهن. صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وف??قي وزير چيو ته تحريڪ ان??شار جي ڪوشش آهي ته ملٽري ڪورٽس جي م??املي کي تڪراري بڻايو وڃي ۽ ان تي سياست ڪئي وڃي. هن چيو ته اها ڳالهه واضح آهي ته ملٽري ڪورٽس ۾ ڪنهن جو ٽرائل انهي وقت ٿئي ٿو جڏهن ڪير دفاعي اداري تي حملي آور ٿئي. هن مثال ڏيندي چيو ته ??يڪ??هن ڪنهن کان ريلوي اسٽيشن يا ريل ۾ سفر دوران ڪو ڏوهه ٿئي ٿو ته ان جي ايف آءِ آر ريلوي پوليس رجسٽرڊ ڪري ٿي، ??يڪ??هن ڪير منشيات جي حوالي سان ڏوهه ڪندو ته ان تي ڪارروائي اينٽي نارڪوٽڪس فورس ڪندي. اهڙي طرح جڏهن ڪنهن عسڪري ٺڪاڻي تي حملو ٿيندو ته ان تي ڪارروائي به آرمي ايڪٽ تحت ٿيندي ۽ ان جو ٽرائل ملٽري ڪورٽ ۾ ئي هلندو. وف??قي وزير چيو ته باني چيئرمين پي ٽي آءِ جي دور ۾ جڏهن سويلينز جو ملٽري ڪورٽس ۾ ٽرائل ڪيو پئي ويو ته ان وقت هن ان جون فضيلتون بيان ڪيون، ان جا ڪلپس سوشل ميڊيا تي موجود آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ هڪ ليگل پروسيس آهي، ملٽري ٽرائل ايڪٽ آف پارليامينٽ ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ٿئي ٿو. ان ۾ اهي سمورا حق حاصل آهن جيڪي ڪنهن به فيئر ٽرائل ۾ حاصل هوندا آهن، رائيٽ ٽو فيئر ٽرائل م??اث?? نه ٿو ٿئي، ان ۾ وڪيل ڪرڻ، فيملي ۽ رڪارڊ تائين پهچ ۽ اپيل جو حق ڏنو وڃي ٿو. اهو ٽرائل فزيڪل موجودگي کانسواءِ نه ٿو ٿي سگهي، رائيٽ ٽو فيئر ٽرائل جا سمورا عمل پورا ڪيا وڃن ٿا. وف??قي وزير چيو ته ملٽري ٽرائل ۾ اپيل جا به ٻه حق ڏنا وڃن ٿا، هڪ ملٽري ڪورٽ ۾ اپيل ۽ ٻيو لاڳاپيل هاءِ ڪورٽ ۾ رٽ پٽيشن داخل ڪرڻ جو حق ڏنو وڃي ٿو. اهي سمورا حق حاصل هوندا آهن. وف??قي وزير چيو ته تحريڪ ان??شار جا ترجمان گلا ڦاڙي ڦاڙي چئي رهيا آهن ته اهو ظلم ۽ زيادتي آهي، ??يڪ??هن اهو ظلم ۽ زيادتي آهي ته انهن جو ليڊر ماضي ۾ ملٽري ڪورٽس ۾ سويلين جي ٽرائلز جون فضيلتون ڇو بيان ڪندو رهيو ۽ ان کي ڇو سٺو چوندو رهيو ته اهو ٺيڪ آهي. هن چيو ته پاڪستان جي ان??ر ڪنهن قانون جي خلاف ورزي ناهي ٿي، جن ماڻهن جو ٽرائل ٿيو آهي انهن جي خلاف ناقابل ترديد ثبوت موجود آهن. تحريڪ ان??اف ان معاملي کي بنا سبب جي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. وف??قي وزير چيو ته پاڪستان سمورن عالمي قانونن جو احترام ڪري ٿو. هن چيو ته قانون جي حڪمراني ضروري آهي، قائداعظم محمد علي جناح پڻ اهو درس ڏنو ته ملڪ جي ان??ر قانون جي حڪمراني جو نظام لاڳو ٿيڻ گهرجي. ??يڪ??هن تحريڪ ان??اف قانون جي حڪمراني کي نه ٿي مڃي ۽ ان تي عمل نه ٿي ڪري ته اها بنا سبب جي تڪرار پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. اهي پنهنجي لاءِ رعايت وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن جيڪا حاصل نه ٿي ٿي سگهي. هن چيو ته ملٽري ڪورٽ جا ٽرائل قانون موجب ٿيا آهن ۽ قانون موجب ئي اهي م??املا اڳتي وڌڻا آهن. هن چيو ته تحريڪ ان??اف ان معاملي تي سياست کان پاسو ڪري، انهن وٽ وڌيڪ قانوني فورمز ۽ اپيل جو حق موجود آهي، ان کي استعمال ڪري سگهن ٿا. وف??قي وزير چيو ته اسان پنهنجي انٽرنيشنل ڊيولپمينٽ پارٽنرز سان گڏجي ڪم جاري رکنداسين. هن چيو ته ملٽري ٽرائل ۾ سمورن عالمي قانونن جون ضرورتون پوريون ڪيون ويون آهن، ان ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا خلاف ورزي ناهي ٿي، تحريڪ ان??شار پاران ملڪ جي خلاف بيانيو ٺاهيو پيو وڃي. 9 مئي تي انهن ماڻهن ان??شار ۽ جلاءُ گهيراءُ ڪيو، ڪور ڪمانڊر هائوس جي ٻاهران انهن جا ماڻهو موجود هئا. هن چيو ته 9 مئي جي ڏوهارين کي قانون موجب سزا ملندي ۽ ان ۾ رائيٽ ٽو فيئر ٽرائل کي آبزرو ڪيو ويندو. ان کان اڳ اطلاعات واري وف??قي وزير باباءِ قوم جي ولادت جي ڏهاڙي تي پوري قوم کي م??ارڪباد ڏني. هن مسيحي برادري کي ڪرسمس جي خوشين جي پڻ مبارڪباد ڏني. اطلاعات واري وف??قي وزير چيو ته مسلم ليگ (ن) سدائين قائداعظم جي ويزن موجب هن ملڪ جي خدمت ڪئي آهي ۽ سدائين ڪوشش رهي آهي ته پاڪستان ترقي جي رستي تي گامزن رهي. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته اسان سڀ گڏجي پاڪستان کي عظيم ملڪ بڻائينداسين ۽ پاڪستان ترقي ڪندو.