رياض – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شر??ف ۽ سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز السعود ٻطرفن لاڳاپن ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي لاءِ پنهنجي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي، ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو آهي ته پاڪستان ۽ سعوديه جي لاءِ پنهنجي ??قتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ انتهائي ضروري آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شر??ف جي ??ياض ۾ منعقد ون واٽر سربراهي اجلاس جي موقعي تي سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز السعود سان خوشگوار ملاقات ٿي. سعودي ولي عهد ??ذريل ڇهن مهينن دوران پنجون ڀيرو پاڪستاني وزيراعظم سان ملاقات تي پنهنجي ??مام گهڻي خوشي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اهو حقيقي محبت ۽ گڏيل احترام جو ثبوت آهي جيڪو ٻنهي ملڪن جي ??وام کي ڳنڍي ٿو. ٻنهي اڳواڻن جو ا?? ڳالهه تي اتفاق ٿيو ته پاڪستان ۽ سعوديه جي لاءِ پنهنجي ??قتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ انتهائي ضروري آهي. سعودي ولي عهد ا?? ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تعاون جو فروغ پاڪستان جي معاشي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ تمام گهڻي اهميت رکي ٿو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي ??والي سان سعودي مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن تي عملدرآمد جي ??فتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شر??ف ولي عهد جا پاڪستاني عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن تي ٿورا مڃيا. هن ولي عهد ??ي جلد کان جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي پنهنجي ??عوت جو ورجاءُ ڪيو. ولي عهد وزيراعظم جي ??عوت قبول ڪندي چيو ته هو جلد پنهنجي پاڪستان جي ??وري جو منتظر آهي.