اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر مح??د اورنگزيب ڪامپيٽشن ڪميشن جو دؤرو ڪيو ?? ڪميش?? جي ڪارڪردگي تي تفصيلي بريفنگ ورتي. پنهنجي دؤري دوران هن چيو ته مخ??لف معاشي شعبن ۽ مارڪيٽن مان ڪارٽلائزيش?? جي خاتمي لاءِ سخت قدم کنيا وڃن. چيف جسٽس کي درخواست ڪنداسين ته سپريم ڪورٽ ۾ چٽاڀيٽي بابت ڪيسن تي خاص بئنچون جوڙي، جن ڪيسن ۾ حڪومت جو روينيو جو معاملو هجي، ان تي سپريم ڪورٽ معاونت ڪري. هن چيو ته ڪيس?? جي پيروي لاءِ چٽاڀيٽي ڪميشن ملڪ جي بهترين وڪيلن جون خدمتون حاصل ڪ??ي. ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت ڪارٽلائزيش?? جي خاتمي لاءِ چٽاڀيٽي ڪميشن کي مڪمل سهڪار فراهم ڪندي، مارڪيٽ?? جي مانيٽرنگ لاءِ جديد فني ۽ ڊيٽا جو استعمال ڪ??يو. هن چيو ته مارڪيٽ ڊيٽا جو انالسز ۽ مانيٽرنگ ڪري ڪارٽلز کي پڪڙيو وڃي ۽ چٽاڀيٽي ڪميشن مارڪيٽ ۾ ڳٺجوڙ خلاف جاري انڪوائرين کي مڪمل ڪ??ي. هن چيو ته سمورا ريگيوليٽري ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا گڏجي هم آهنگي مان بهتر نتيجا ڏئي سگهن ٿا، مارڪيٽن ۾ شفافيت ۽ مقابلي جو ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ حڪومت ڪميشن کي هر قسم جي سپورٽ ڪندي. مح??د اورنگزيب چيو ته چٽاڀيٽي ڪميشن کي مضبوط بنيادن تي بيهارڻ لاءِ آٽوميشن ڪئي وڃي ۽ حڪومتي ادارا ڪمپٽيشن ڪميش?? جي مخ??لف شعب?? جي ريسرچ رپورٽن مان فائدو کڻن. هن وڌيڪ چيو ته پاليسي واضح آهي ته جيڪي ڪاروبار نجي شعبي جي ڪرڻ جا آهن، حڪومت ان ۾ شامل نه ٿيندي. چٽاڀيٽي ڪميش?? جي ڪارڪردگي ڪافي بهتر آهي، ان کي وڌيڪ فعال بڻايو وڃي.