اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف يورپي ڪميشن ۽ يورپي ايوي ايشن سيفٽي ايج??سي پاران پاڪستان انٽرنيشن?? ايئرلائينز جي اڏامن تان پابندي هٽائڻ جي آجيان ڪندي چيو آه?? ته ان سان پي آءِ اي جي ساک مستحڪم ٿيندي ۽ مالي طور تي پڻ فائدو ٿيندو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف وفاقي وزير خواجه محمد آصف، هوابازي واري وزار??، پاڪستان سو?? ايوي ايشن اٿارٽي جي عملدارن ۽ پي آءِ اي جي انتظاميا کي مبارڪباد ڏني آهي. هن چيو ته پابندي هٽائڻ سان پي آءِ اي جي ساک مستحڪم ٿيندي ۽ ان کي مالي طور تي پڻ فائدو ٿيندو، اهو پاڪستان جي ڪامياب پاليسين جو مظهر آهي. هن چيو ته يورپ ۾ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ هوائي سفر ۾ آساني پيدا ٿيندي.