لاهور – 22 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستا?? مسلم ليگ (ن) ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي وچ ۾ سياسي ۽ ٻين معاملن جي حوالي سان تعاون ۽ مسئلن جي حل لاءِ 11 رڪني ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ڪميٽي جي ميمبرن ۾ نائ?? وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، دفاع وارو ??فاقي وزير خواجه محمد آصف، قانون ۽ انصاف وارو ??فاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ اقتصادي معاملن وارو ??فاقي وزير احد خان چيما شامل هوندا. رياستي ۽ سرحدي معاملن وارو ??زير انجنيئر امير مقام، وزيراعظم جو صلاحڪار راڻا ثناءُ الل??، پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر ملڪ احمد خان، پنجاب جي سينيئر وزير مريم اورنگزيب، خواجه سعد رفيق، جعفر خان مندوخيل ۽ بشير احمد ميمڻ پڻ ڪميٽي جي ميمبرن ۾ شامل هوندا. وزيراعظم ڪميٽي کي پاڪستان پيپلزپارٽي سان تفصيلي مشاورت کانپوءِ سياسي تعاون ۽ مسئلن جي حل جي ذميواري ڏئي ڇڏي. ڪميٽي پاڪستان پيپلزپارٽي پاران مقرر ڪيل ميمبرن سان ڳالهه ٻولهه سان ايندڙ جي حڪمت عملي کي طئي ڪندي.