باڪو – 13 – ??ومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ مض??وط لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٽيڪنالاجي، قابل تجديد توانائي ۾ گڏيل منصوبن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب عالمي اڳواڻن جي ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس (ڪوپ 29) جي موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ملاقات ٿي. وزيراعظم محمد شهباز شريف باڪو ۾ ورلڊ ليڊرز ڪلائميٽ ايڪشن سمٽ جي ڪامياب انعقاد تي صدر الهام عليوف کي مبارڪباد ڏني. هن ماحولياتي تبديلي سان پيدا ٿيندڙ چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ ان حوالي سان عالمي تعاون کي وڌائڻ جي صدر الهام عليوف جي ويزن ۽ عزم کي ساراهيو. ملاقات ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان زريلي گئسن جي اخراج ۾ معمولي حصو هجڻ جي باوجود موسمياتي تبديلين کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي. هن آذربائيجان ۽ عالمي برادري سان ماحولياتي تبديلي بابت چئلينجز تي ڪم ڪرڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان آذربائيجان ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو. هن پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ مختلف شعبن خاص طور تي اقتصادي ۽ دفاعي تعاون ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ عوامي رابطن سان گڏوگڏ ثقافت?? لاڳاپن جي مض??وطي جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ مض??وط لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٽيڪنالاجي، قابل تجديد توانائي ۾ گڏيل منصوبن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن وچ اوڀر جي صورتحال ۽ ٻين علائقائي ۽ عالمي معاملن تي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.