اسلام آباد-07 نومبر (اي پي پي) ??نگ??پور ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر رابعه شفيق ??نگ??پور فن ٽيڪ فيسٽيول 2024ع ۾ پاڪستان پويلين جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. ڪالهه هاءِ ڪميشن طرفان جاري بيان موجب افتتاح جي موقعي تي هاءِ ڪمشنر ??نگ??پور فن ٽيڪ فيسٽيول ۾ ڪيترن ئي پاڪستاني ڪ??پن??ن جي شرڪت جي واکاڻ ڪئي ۽ انهن جي همت افزائي ڪئي. هن چيو ته پاڪستان جا ڪاروبار?? ماڻهو ۽ ادارا عالمي حصيداري قائم ڪرڻ ۽ پاڪستان جي وڌندڙ فني مهارت جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ ان موقع?? مان وڌ کان وڌ فائدو کڻن. هاءِ ڪمشنر چيو ته پاڪستان جو تيزي سان وڌندڙ ٽيڪ ٽيلينٽ، ايشيائ?? مارڪيٽ?? ۾ ??اخل ٿيڻ لاءِ اسٽريٽجڪ جاگرافيائي بيهڪ ۽ هڪ سازگار ٽائيم زون رکندڙ اسان جي ملڪ کي سڄي دنيا جي ڪ??پن??ن لاءِ هڪ پرڪشش آءِ ٽي مرڪز بڻائي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت جو ڌيان ٽيڪ ڊيسٽي نيشن پاڪستان برانڊ کي هٿي ڏيڻ تي آهي ۽ ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي ٽيڪنالاجي جي شعبي کي سپورٽ ڪرڻ لاءِ خصوصي ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي قائم ڪئي وئي آهي. رابعه شفيق ٻڌايو ته هن سال جي فيسٽيول ۾ 10 مک پاڪستاني فن ٽيڪ ڪ??پن??ن جو هڪ وفد شرڪت ڪري رهيو آهي، جيڪو عالمي فن ٽيڪ صنعت ۾ هڪ اهم رانديگر طور پاڪستان جي اڀرندڙ ڪردار کي اجاگر ڪري ٿو. هن چيو ته ??نگ??پور فن ٽيڪ فيسٽيول ۾ انهن ڪ??پن??ن جي موجودگي ??نگ??پور فن ٽيڪ ايڪو سسٽم سان جڙيل هجڻ ۽ عالمي ڊجيٽل معيشت ۾ پنهنجي پوزيشن قائم ڪرڻ جي پاڪستان جي عزم جي اجاگر ڪري ٿي. مشهور شرڪت ڪندڙن ۾ پاڪستاني فن ٽيڪ فرم حڪيم ايپ کي ??نگ??پور ج?? مانيٽري اٿارٽي طرفان Fintech ايڪسي لينس ايوارڊ“ 2024ع لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي. اها باوقار سڃاڻپ پاڪستان جي فن ٽيڪ سيڪٽر جي وڌندڙ طاقت ۽ جدت جي عڪاسي ڪري ٿو. ??نگ??پور جو ساليانو فن ٽيڪ فيسٽيول فن ٽيڪ اسپيس ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي ۽ سڀ کان وڌيڪ باا ثر پروگرامن مان هڪ آهي جيڪو اسٽاٽ اپس ۽ قائم ڪ??پن??ن لاءِ هڪ منفرد پليٽ فارم پيش ڪري ٿو ته جيئن هو پنهنجي مختلف شين کي متعارف ڪرائي سگهن ۽ ان شعبي ۾ نوان موقعا ڳولين.