اسلام آباد-29 آڪٽوبر (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وز??ر قيصر احمد شيخ چيو آهي ته بلوچستان سميت سڄي ملڪ جي ترقي سي پيڪ سان ڳنڍيل آهي، اهو منصوبو پاڪستان جي روشن مستقبل لاءِ اهم ٿنڀ جي حيثيت رکي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن پاڪ- چائينا انسٽيٽيوٽ جي انتظام هيٺ منعقد ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وز??ر چين جي ??ومِ تاسيس جي ??وقعي تي چيني حڪومت ۽ عوام کي مبارڪ ڏيندي پاڪ- چين دوستي ۽ اسٽريٽجڪ شراڪتداريءَ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته بلوچستان سميت سڄي ملڪ جي ترقي سي پيڪ سان ڳنڍيل آهي. هن چيو ته پاڪ- چين اسٽريٽجڪ شراڪتداري وقت سان گڏوگڏ مضبوط ٿيندي پئي وڃي، چيني سيڙپڪاري پاڪستان ۾ پبلڪ پرائيويٽ شراڪتداريءَ جي ??ظام کي تقويت ڏني آهي ۽ چين جو اقتصادي ماڊل اڄ دنيا جي سمورن ملڪن لاءِ مثالي آهي. هن چيو ته چين اولهه نيولبرلزم جي ??اڊل جي ابتڙ هڪ ڪامياب اقتصادي نظام قائم ڪيو آهي جنهن سان وز??راعظم به متاثر آهي. وفاقي وز??ر چيو ته سي پيڪ فيز 2 سميت سمورا منصوبا چين جي سهڪار سان جلد مڪمل ڪيا ويندا ۽ عالمي فورمز تي پاڪستان ۽ چين جو هڪٻئي کي سپورٽ ڪرڻ جو مثال تعريف جوڳو ??هي. هن چيو ته چين ڏکڻ ايشيا ۾ هميشه پاڪستان کي خاص اهميت ڏني آهي ۽ پاڪستان جي ترقيءَ ۾ چيني سيڙپڪاريءَ جو ڪردار قدر جوڳو ??هي. هن چيو ته پاڪستان جي ??يري ٽائم سيڪٽر کي چين جي ??ورٽ اينڊ شپنگ انڊسٽري جي طرز تي بهتر بڻايو پيو وڃي. ڪانفرنس دوران وفاقي وز??ر ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪ- چين دوستيءَ کي نقصان پهچائيندڙ دهشتگردن جون سازشون ناڪام ٿي چڪيون آهن.