دوحه – 31 – ??ڪٽ??بر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي ٻن ڏينهن جي قط?? جي دوري دوران اڄ خميس ڏينهن مصرو?? ڏينهن گذاريندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري تفصيل موجب قط?? جي امير شيخ تميم بن حماد الثاني سان ملاقات ڪندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ قط?? جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. هو قط?? جي وزيراعظم محمد بن عبدالرحمان بن جاسم الثاني سان ملاقات پڻ ڪندو. وزيراعظم سان قطر بزنس مين ايسوسيئيشن جو وفد پڻ ملاقات ڪندو. ٻئي طرف وزيراعظم قطر ميوزيم ۾ ”منظر آرٽ ايگزيبيشن: 1940ع کان هيستائين پاڪستان ۾ آرٽ ۽ آرڪيٽيڪچر“ جو افتتاح ڪندو. وزيراعظم جي قط?? جي دوري ۾ وفاقي وزير خواجه محمد آصف، ڄام ڪمال خان، محمد اورنگزيب ?? عطاءُ الله تارڙ گڏ آهن.