اسلام آباد -14 آڪٽوبر (اي پي پي) چين جي وزيراعظم پاران 11 سالن ??ان پوءِ شنگهائ?? سهڪار تنظيم جي موقعي تي پاڪستان جو دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط لاڳاپن جي هڪ اهم علامت آهي، اهو دورو پاڪستان ۽ چين جي گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيندو ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار کي وڌائڻ جو موقعو فراهم ڪندو. پلاننگ ڪميشن جي اختيارين مطابق چين جو وزيراعظم 11 سالن ??ان پوءِ پاڪستان جو دورو ڪندو ۽ پاڪستان چين وچ ۾ گڏيل لاڳاپن تي ڳالهيون ڪندو. ان کان اڳ چين جي وزيراعظم 2013ع ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو هو. ان دوري دوران ڪيترن ئي اهم معاملن تي ڳالهيون، اقتصاد?? سهڪار ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي راهداري (سي پيڪ) تحت جاري منصوبن جو جائزو ورتو ويندو. واپار ۽ سيڙپڪاري واپاري لاڳاپن کي اڃا به اڳتي وڌائڻ ۽ چين طرفان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ تي ڳالهيون ڪيون وينديون ته جيئن ٻنهي معيشتن کي فائدو پهچي. تعليمي، سائنسي ۽ ثقافتي شعبن ۾ به سهڪار وڌائڻ جا معاهدا پڻ متوقع آهن، ج??ڪي عوامي سطح تي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌ??ڪ مضبوط ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. چين جي وزيراعظم جو اهو دورو بنهي ملڪن وچ ۾ پراڻن دوستاڻن لاڳاپن کي هڪ نئين جدت ڏيڻ ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اسٽريٽجڪ شراڪتداري کي وڌ??ڪ مضبوط ڪرڻ جو هڪ اهم موقعو آهي.