لاهور- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد جي امن امان جي صورتحال کي ضابطي ۾ رکڻ جي حوالي سان گهرو معاملن واري وفاقي و??ير ، اسلام آباد انتظاميه ۽ اسلام آباد پوليس جي و??کاڻ ڪندي چيو آهي ته اسلام آباد تي حملي کي ناڪام بڻائڻ تي اسلام آباد پوليس شاندار ڪردار ادا ڪيو، پاڪ فوج، پنجاب پوليس ۽ رينجرز به اسلام آباد ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب اهڙو اظهار وزيراعظم، گهرو معاملن واري وفاقي و??ير سان ملاقات دوران ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفاقي گهرو وزير، وزيراعظم کي اسلام آباد جي تازه ترين صورتحال تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم اسلام آباد جي امن امان جي صورتحال کي ضابطي ۾ رکڻ جي حوالي سان وفاقي گهرو وزير، اسلام آباد انتظاميه ۽ اسلام آباد پوليس جي و??کاڻ ڪئي. وزيراعظم چيو ته ڪانسٽيبل حميد شاهه عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪندي شهادت ماڻي، الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند ڪري. وزيراعظم چيو ته قوم اها قرباني هميشه ياد رکندي، شهيد سپاهي جي و??رثن جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان. وزيراعظم هدايت ڪئي ته شهيد جي و??رثن جو مڪمل طور تي خيال رکيو وڃي. هن چيو ته اسلام آباد جي شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت کي يقيني بڻايو ويو. صورتحال تيزي سان معمول طرف اچي رهي آهي. وزيراعظم شهباز شريف چ??و ته معيشت جي ترقي ۽ مملڪت خداداد جي خوشحالي اسان جي اولين ترجيح آهي، سياسي مخالفن کي پاڪستان جي معيشت ۾ بهتري هضم نه ٿي رهي آهي، دنيا پاڪستان جي معاشي پاليسين جي و??کاڻ ڪري ٿي، سياسي مخالف پاڪستان جي ترقي ۾ رنڊڪ وجهڻ چاهين ٿا. پاڪستان جي معيشيت جي حوالي سان ڪنهن کي غير قانوني طور تي عدم استحڪام پيدا ڪرڻ نه ڏينداسين، ايندڙ ڏينهن ۾ پاڪستان ۾ ٿيندڙ عالمي تقريبون معمول موجب ٿينديون. هن چيو ته سيڪيورٽي جا بهترين ۽ اعليٰ معيار جا انتظام ڪيا پيا وڃن جنهن تي سڄو ڌيان آهي. ان موقعي تي گهرو وزير وزيراعظم کي بريفنگ ڏيندي چيو ته اهم شاهراهون ٽريفڪ لاءِ کوليون ويون آهن، صورتحال تيزي سان معمول تي اچي رهي آهي، گهرو وزير، وزيراعظم کي سريلنڪا کان پاڪستاني قيدين جي و??پسي تي به بريفنگ ڏني ۽ چيو ته سريلنڪا ۾ قيد 56 پاڪستاني قيدي اڄ وطن واپس پهچندا. گهرو وزير چيو ته نجڪاري و??رو وفاقي و??ير عبد??لع??يم خان سريلنڪا کان پاڪستاني قيدين جي و??ن واپسي جا سمورا خرچ برداشت ڪندو. وزيراعظم سريلنڪا کان قيدين جي و??پسي جي حوالي سان وفاقي گهرو وزير ۽ نجڪاري و??ري و??ير جي ڪوششن جي و??کاڻ ڪئي.