ماسڪو-01 آڪٽوبر (اي پي پي) سيڙپڪاري، نجڪاري ۽ مواصلات بابت وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آھي ته گڏيل سيڙپڪاري ذريعي پاڪستان ۽ ر??س جي واپاري لاڳاپن کي ھٿي وٺرائڻ چاھيون ٿا.سيڙپڪاري بورڊ پاران جاري پڌرائي مطابق وفاقي وزير ماسڪو ۾ پاڪ – روس بزنس فورم ۾ شرڪت ڪئي. فورم ۾ پاڪستان جي 60 ڪمپنين جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي. وفاقي وزير فورم جي پھرين ڏينھن بزنس س??شن کي خصوصي طور خطاب به ڪيو. وفاقي وزير فورم ۾ شرڪت دوران ر??س جي صنعت ۽ واپار واري وزير سان ملاقات کان علاوه ماسڪو ۾ ر??س جي واپاري برادري سان ملاقاتون پڻ ڪندو. ان موقعي تي وفاقي وزير عبدالعليم خان جي ماسڪو چيمبر آف ڪامرس ۽ بزنس ايسوسي ايشن جي نمائندن سان پڻ ملاقات ٿيندي. واضح رھي ته ھو پنھنجي ٽن ??ينھن واري دورو دوران ر??س جي ڪاروباري شعبن سان لاڳاپيل ماڻھن سان وڌ کان وڌ ملاقاتون ڪندو. ر??س جي دوري ۽ فورم جي حوالي سان وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آھي ته ر??س جي دوري سان ٻنھي ملڪن جي ڪاروباري ۽ واپاري برادري کي وڌيڪ ويجھو آڻڻ چاھيون ٿا. گڏيل سيڙپڪاري ۽ سھولتن سان گڏ روس ۽ پاڪستان جي ماتحت ڪاروبار کي ھٿي ڏيڻ ڇاھيون ٿا. عبدالعليم خان ماسڪو ۾ ر??س جي وزيرن ۽ اعليٰ سرڪاري اختيارن سان پڻ ملاقاتون ڪندو جنھن سان پاڪ – روس واپاري لاڳاپن کي ھٿي وٺرائڻ ۾ مد?? ملندي.