راولپنڊي – 26 سيپٽمبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز جي اتر وزير??تا?? جي علائقي رزمڪ ۾ ٿيل آپريشن دوران 8 دهشتگرد مارجي ويا آهن. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي( آءِ ايس پي آر) مطابق 25/26 سيپٽمبر جي رات جو سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي اتر وزير??تا?? جي علائقي زرمڪ ۾ انٽيلي جنس بنياد تي ٻڌل آپريشن ڪيو. جنهن دوران سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جنهن ۾ 8 خوارج جهنم واصل ٿيا. مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار ۽ گوله بارود به هٿ آي?? آهي، اهي دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز خلاف دهشتگردي جي ڪارروائين سان گڏو گڏ معصوم شهرين جي ٽارڪٽ ڪلنگ ۾ به سرگرم رهيا. علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي ته جيئن اتي ڪنهن ٻئي دهشتگرد کي ??تم ڪري سگهجي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت کي ??تم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن.