اسلام آباد-23 سيپٽمبر (اي پي پي) ليفٽيننٽ جنرل محمد عاصم ملڪ ڊي جي آءِ ايس آءِ مقرر ڪيو و??و آهي، هو 30 سيپٽمبر تي پنهنجون نيون ذميواريون سنڀاليندو. ليفٽيننٽ جنرل عاصم هن وقت جي ايڇ ڪيو ۾ ايڊوجوٽنٽ جنرل جا فرض سرانجام ڏئي ره??و آهي. ليفٽيننٽ جنرل محمد عاصم ان کان پهريان بلوچستان ۾ انفنٽري ڊويزن ۽ وزيرستان ۾ انفنٽري برگيڊ جي ڪ??ان?? ڪري چڪو آهي. ليفٽيننٽ جنرل محمد عاصم پنهنجي ڪورس ۾ اعزازي شمشير به حاصل ڪري چڪو آهي. ان کان علاوه چيف انسٽرڪٽر اين ڊي يو ۽ انسٽرڪٽر ڪ??ان?? اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽه ۾ به مقرر رهي چڪو آهي. ليفٽيننٽ جنرل محمد عاصم ليون ورٿ ۽ رائل ڪاليج آف ڊفينس اسٽڊيز ۾ گريجوئيٽ به آهي.