اسلام آباد– 10 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر سان ايراني صدر جي افغانستان بابت خصوصي نمائندي حسن ڪاظمي غومي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ مملڪتي وزير پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي لاءِ پاڪستان جي پڪي عزم کي ورجائيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته گهرا ڀائراڻا لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ يڪجهتي جي مضبوط رشن جو بنياد آهن. هن افغانستان کي درپيش ڪيترن ئي ڏکين چئلينجن جو ذ??ر ڪندي افغان عوام جي مسلسل ڀلائي ۽ خوشحالي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ عبوري افغان حڪومت سان عالمي برادري جي مستقل شموليت جي اهميت کي ورجايو. مملڪتي وزير افغانستان جو دوست ۽ ??اڙ??سري هجڻ ناطي ان مقصد جي لاءِ پاڪستان ۽ ا??ران جي اهم ڪردار جو خاص طور تي ذڪر ڪيو. ان کان اڳ ايراني خصوصي نمائندي پنهنجي پاڪستاني هم منصب وزيراعظم جي خصوصي معاون محمد صادق سان به ملاقات ڪئي. ٻنه?? اڳواڻن علائقائي امن ۽ ترقي جي گڏيل مضبوط هدفن ک?? اڳتي وڌائڻ جي لاءِ تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو.