پي آءِ اي پاران فضا ۾ يوم آزادي تقريب منعقد ڪري وطن سان محبت جو اظهار

image

اسلام آباد -14 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائين فضا ۾ يوم آزادي تقريبون منعقد ڪري وطن سان محبت جو اظهار ڪيو. پي آءِ اي جي ترجمان عبدالله حفظ خان طرفان جاري بيان مطابق 14 آگسٽ جي ڏينهن پي آءِ اي سڀني اڏامن تي جشن آزادي ملهائي رهي آهي. اڏامن تي قوم جي نئين معمار ٻارن جهنڊن وارا ڪيڪ ڪٽيا ۽ خوشي ملهائي. اڏامن دوران خاص طور تي ملي نغما ڳايا ويا ۽ مسافرن کي پاڪستاني جهنڊا پڻ پيش ڪيا ويا. انهن تقريبن جو انتظام پاڪستان جي 75هين يوم آزادي جي موقعي تي ڪيو ويو آهي.

مضمون کا ماخذ : میگا ملینز آن لائن ٹکٹ