اسلام آباد – 22 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسان پاڪستان کي وسيع سيڙپڪاري جي ذريعي ايشيا جو صنعتي مرڪز بڻائڻ چاهيون ٿا. وزيراعظم ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف سان ??ائل نووا پرائيويٽ لميٽيڊ جي باني شاهه ۽ چيئرمين جي صلاحڪار شيخ خالد محمد سلمان ??لخليفه بحريني ڪمپنين جي وفد سان گڏ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سيڙپڪاري بورڊ بحريني وفد جي شرڪت ڪندڙن کي پاڪستان ۾ مختلف شعبن خاص طور تي صحت، سياحت، هوٽل، مهمان نوازي، هائوسنگ، زراعت، خوراڪ ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ موجود سيڙپڪاري جي وسيع موقعن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. وفد کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ??طي ۾ پنهنجي اسٽريٽجڪ جاگرافيائي بيهڪ، نوجوان ??بادي، هنرمند افرادي قوت، بي شمار قدرتي وسين ۽ ڪاروبار دوست ماحول جي ڪري سيڙپڪاري جي لاءِ مثالي جڳهه آهي. بحريني وفد پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي بي شمار موقعن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي عزم جو اظهار ڪي?? ۽ هن ايندڙ 6 مهينن ۾ هوٽل اينڊ هاسپيٽليٽي ۽ هائوسنگ جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي شروعات جو اشارو ڏنو. ان کانسواءِ هن زراعت، ماهيگيري ۽ ڪنسٽرڪشن جي شعبن ۾ پڻ سيڙپڪاري ڪرن جي لاءِ خصوصي دلچسپي جو اظهار ڪي??. وزيراعظم سمورن لاڳاپي?? ادارن کي هدايت ڪئي ته اهي بحريني سيڙپڪارن کي ترجيحي بنيادن تي هر ممڪن سهولت فراهم ڪن ۽ ان ??لسلي ۾ سمورا وسيلا بهتر طريقي سان ??ستعمال ۾ آڻين. ملاقات ۾ سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، واپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر، هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وفاقي وزير عبدالواسع، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، وزيراعظم جي خاص معاون طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي.