اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي جو خطب?? سڌو سنئون نشر ڪيو ويو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ ايوان صدر جي عملدارن ۽ عملي جمعي جي نماز ادا ڪئي، ??يوان صدر جي جامع مسجد مان ”اسلامو فوبيا ج?? عالمي ڏينهن“ جي موضوع تي خطبو ڏنو ويو، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز جمعي جو خطبو ڏنو، هن چيو ته مسلمانن سدائين علم کي فروغ ڏنو آهي، ??طيب ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسان کي ايندڙ نسلن جي لاءِ بهتر معاشرو ۽ ماحول ڇڏڻو آهي. هن چيو ته گڏيل قومن ۾ اسلامو فوبيا جي حوالي سان قرارداد منظور ڪئي وئي آهي جنهن جي منظوري ۾ سمورن اسلام?? ملڪن اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، ڊاڪٽر قبله اياز چيو ته مسلمانن سدائين هر معاشري جي بهتري لاءِ ڪم ڪيو، وسيلن ۽ ٽيڪنالاجي سان پوري انسانيت جي بهتر ممڪن بڻائي سگهجي ٿي، واضح رهي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي هدايت تي ماڻهن جي رهنمائي لاءِ ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي جو خطب?? سڌو سنئون نشر ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، ??معي نماز جي موقعي ت?? ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، ??رقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي وئي.